تون ڇپر تون ڇانو

تون ڇپر تون ڇانو

تون ڇپر تون ڇانو

تون ڇپر تون ڇانو (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر شيخ اياز جي دعائن (نثري نظمن) تي مشتمل آهي، جيڪي هن ٽئگور جي گيتانجليءَ وانگر لکيون ۽ روزاني برسات ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيون.
شيخ اياز انهن دعائن ۾ تاريخي واقعن ۽ ماضيءَ جي شخصيتن جي قولن ۽ مثالن کي جنهن نموني سان پيش ڪيو آهي، ان مان شاعر جي غير معمولي مطالعي ۽ مشاهدي جو ڏس ملي ٿو ۽ نظر اچي ٿو ته سندس مطالعو نهايت وسيع آهي. اهي دعائون ٽئگور جي دعائن وانگر اثرائتيون آهن، جن ۾ ڪائنات جي رنگينين ۽ ڪائنات جي خالق جي تعريف آهي. هي ڪتاب سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ، حيدرآباد پاران سال 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو، پڪي جلد سان هي ڪتاب 176 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو